چِڪَ/ چِڪَڻ

چِڪَ/ چِڪَڻ: هڪ قسم جي گپ، جيڪا چيڪي مٽيءَ واري زمين ۾ ٿيندي آهي. جيڪڏهن گھڻي ۽ اونهي چِڪ هوندي ته ان ۾ ڌٻڻ ٿي پوندي آهي. جنهن کي ’چور گپ‘ به چوندا آهن. چڪڻ يا چِڪَ تي پير کُپي نه سگهندو آهي ۽ ترڪڻ سبب ماڻهو ترڪي پوندو آهي. ’چڪ‘ لفظ شاهه لطيف به شاعريءَ ۾ ڳاتو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو